اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ??لڪ ۾ امام حسين عه جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ جلوس برآمد ڪيا ويا، سڄي ??لڪ ۾ چاليهي ج?? موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيل هئا. ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ڪالهه سومر ڏينهن 26 آگسٽ 2024ع تي سڄي ??لڪ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ڪراچي، حيدرآباد، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي ج??وس برآمد ڪيا ويا.
ڪراچي ۾ مرڪزي ج??وس خارادار مان نڪتو جڏهن ته حيدرآباد ۾ مرڪزي ج??وس قدم گاهه مولا علي رضه تان انجمن اماميه سنڌ جي انتظام هيٺ نڪتو جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو واپس امام با??گا??ه دا??ن شاهه پهچي اختتام پذير ٿيو. جلوس ۾ شريڪ عزادارن ماتم ۽ زنجير زاني ڪئي، جڏهن ته نوحن وسيلي ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏنو ويو. جڏهن ته ان کانسواءِ بدين، تلهار، ٽنڊو ڄام، ميرپورخاص، سکر، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دا??و، ڄامشورو، مٺي، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ پڻ ذوالجناح ۽ علم پاڪ سان جلوس برآمد ڪيا ويا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ڪراچي ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو هو جڏهن ته فورسز جا ڪيترائي ج??ان جلوسن تي رستن تي مقرر هئا.