اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ ج?? زمين جي مدار ۾ مو??لڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي، پاڪستاني سيٽلائيٽ ج?? چين جي خلائي مرڪز مان مو??لڻ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ پاڪ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي مدار ۾ مو??لڻ تي مون سميت پوري قوم کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي گرد مدار ۾ مو??لڻ سان پوري پاڪستاني قوم هڪ عظيم سنگ ميل عبور ڪري ورتو. هن چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ ج?? چين جي شي چانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان خلا ۾ مو??لڻ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظاهر آهي، اهڙن قدمن سان پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان ف??ئدو کڻي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته سيٽلائيٽ نه رڳو پاڪستان جي مواصلاتي نظام ۾ هڪ نئُون روح ڦُوڪيندو پر ان سان پوري ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ ج?? سهولت فراهم ڪري سگهبي، سيٽلائيٽ مواصلاتي نظام ۾ بهتري سان اي ڪامرس، اقتصادي سرگرمين ۽ اي گورننس ۾ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستاني سيٽلائيٽ ج?? زمين جي مدار ۾ 36 هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي مو??لڻ اسپارڪو ۽ لاڳاپيل ادارن جي وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي پوري قوم انهن کي شاباس ڏي ٿي. هن چيو ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جو زمين جي مدار ۾ ڪاميابي سان پهچڻ پاڪستان جي شاندار مستقبل جي نويد آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون ملڪ ۾ مواصلاتي نظام جي بهتري ۽ خلائي شعبي ۾ وڏين ڪاميابين جي نويد ثابت ٿئي.
وزيراعظم پاران پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي قوم کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا