اسلام آباد-11 مئي(اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ?? زراعت، غذائي تحفظ،انفارميشن ٽيڪنالوجي،سياحت ۽ کاڻيون کوٽڻ سميت ٻين شعبن ۾ بي پناه ڪارڪردگي موجود آهي، وزير اعظم آفيس ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب وزير اعظم م??مد شهباز شريف سان پاڪستان ?? مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنز جين ميريٽ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اڪنامڪس اينڊ ايويليو ايشن ڊائريڪٽوريٽ ،فارن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊويلپمنٽ آفيس لنڊن جي چيف اڪانومسٽ ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر عدنان خان پڻ موجود ه??.ان موقعي تي ٻه طرفا لڳاپن تي ڳالهيون ڪيو ويون،ملاقات دوران وزيراعظم م??مد شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ?? برطانيا وچ ۾ پراڻا لڳاپا آهن، جيڪي وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ?? زراعت، غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالوجي ،سياحت، کاڻيون کوٽڻ سميت ٻين شعبن ۾ بي پناه ڪارڪرگي موجود آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان حڪومتي گورننس جي ڍانچي ۽ اداره جاتي سڌارن طرف گامزن آهيون، جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي ڊيجيٽلائيزيشن حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ ميڪرو ۽ مائيڪرو اڪنامڪ سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي برطانوي وفد پاڪستان جي حڪومت پاران ايجوڪيشن ايمرجنسي جي قدمن جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ موجد هئا.
پاڪستان ۾ زراعت، غذائي تحفظ،انفارميشن ٽيڪنالوجي،سياحت، کاڻيون کوٽڻ سميت ٻين شعبن ۾ بي پناه ڪارڪردگي موجود آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان