اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي ان حوالي سان آذ??با??يجان جي ڪا??يابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان آذ??با??يجان جي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آذري وزير مختار بابائيف وزيراعظم کي آذ??با??يجان جي صدر الهام عليوف پاران نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪا??فرنس آف پارٽيز 29 (ڪوپ – 29) اجلاس ۾ شرڪت جو دعوتنامو پيش ڪيو. وزيراعظم 29 هين ڪا??فرنس آف پارٽيز جي دعوتنامي تي آذ??با??يجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ۽ آذري عوام کي ڪوپ – 29 جي ميزباني جي لاءِ باڪو جي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ڪوپ – 29 هن سال موسمياتي تبديلي جي درپيش چئلينجن تي غور فڪر جي لاءِ عالمي اڳواڻن جو سڀ کان اهم اجتماع آهي. آذري وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، 2022ع ۾ پاڪستان هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. وزيراعظم ڪوپ – 29 جي حوالي سان آذ??با??يجان جي ڪا??يابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جو منتظر رهندو جتي کيس صدر الهام عليوف سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملندو. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورج??ءُ ڪيو. آذري وزير پاڪستان ۾ پنهنجي ميزباني ۽ ڪوپ – 29 جي ڪا??ياب انعقاد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي آڇ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آذ??با??يجان پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو ته جيئن هڪ اهڙي ايجنڊا طئي ڪري سگهجي جيڪا موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي ضرورتن جي مناسب عڪاسي ڪري.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ