اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ جي لاءِ نوان قدم کنيا ويندا، باصلاحيت پيشيور ماڻهو ۽ فني ماهر اسان جي موجوده گورننس جي نظام ۾ جدت آڻي ان کي وڌيڪ موثر بڻائيندا. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ نئين ٽيلنٽ جي فروغ ۽ وفاقي وزارتن جي صلاحيت وڌائڻ جي حوالي س??ن اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان عالمي شهرت رکندڙ ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪ??ڻ جي حوالي سان تجويزن تي غور ڪيو ويو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح جو ٽيلنٽ پول جوڙڻ گهرجي ڇو ته هي اهڙو دور آهي جنهن ۾ ڪنهن به قوم جي ڪاميابي ۾ ٽيلنٽ ئي سڀ کان وڏو فرق پيدا ڪري ٿو. ان کانسواءِ وزير??عظ?? شهباز شريف حڪومتي پاليسي پروگرامن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ اهل ۽ باصلاحيت ڪارڪنن جي تياري جي طريقن ۽ غيرجانبداري جي اصولن تي قائم ۽ ميرٽ تي ڀرتي ڪ??ڻ جي حوالي س??ن اهم اجلاس جي پڻ صدارت ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته باصلاحيت ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جهڙي طرح اسان کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪاروباري برادري اهڙين جاين تي سيڙپڪاري چاهي ٿي جتي ٽيلنٽ هجي، سياست ۽ پاليسيون مستحڪم هجن ۽ سسٽم ڪم ڪري. وزير??عظ?? پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي ضرورت جي بهتر حصول ۾ مدد جي لاءِ وزارتن ۾ تازي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ واضح ڪ??ڻ جي لاءِ پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ۽ ان کي پنهنجون تجويزون جلد کان جلد پيش ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پاليسي سازي جي سطح تي فني معاونت جي کوٽ کي پورو ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جيڪو سول سروس ۾ نيون مهارتون تيار ڪرڻ، وڏن منصوبن جي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ڊيجيٽل دور جي گهرجن موجب آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي. اجلاس جي شرڪت ڪ??دڙن ٻاهرئين ملڪ مان ماڻهن جي مقرري ۾ ٽائيم اسڪيل طريقيڪار جهڙين رڪاوٽن کي اجاگر ڪيو جنهن جي ڪري بهترين اميدوارن کي صحيح طريقي سان ڳولي نه ٿو سگهجي ۽ پگهارن جي ادائيگي جهڙن مسئلن سان بهترين ٽيلنٽ خاص طور تي اهڙا علائقا جتي هنرمند ماڻهن جي کوٽ هجي، ڳولا ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس احمد خان لغاري، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.
پاڪستان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ لاءِ نوان قدم کنيا ويندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز