بيجنگ-19 آڪٽوبر (اي پي پي) چ??ني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون عملي تعاون جو نمونو آهي. چ??ني خابرو اداري موجب صدر شي جن پنگ پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي موڪليل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ توانائي تعاون برابري، گڏيل فائدي ۽ عملي تعاون جو نمونو آهي ۽ ان ٻنهي ملڪن ۽ ايستائين جو دنيا ۾ توانائي جي سلامتي ۽ پائيدار ترقي کي يق??ني بڻائڻ ۾ مثبت ڪردا?? ادا ڪيو آهي. هن چيو ته مستقبل لاءِ چين اعليٰ معيار جي توانائي جي شراڪتداري قائم ڪرڻ ۽ ع??لمي توانائي مارڪيٽ جي ڊگهي مدي، صحتمند، مستحڪم ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ ع??لمي شفاف توانائي شراڪتداري جي تعمير کي هٿي ڏيڻ لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. روسي صدر والاديمير پيوٽن به پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي مبارڪن وارو خط موڪليو آهي.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی