اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوليو جو خاتمو ا??ان جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي، ان موذي مرض کان اسان کي ??نه??جي ايندڙ نسل کي بچائڻ آهي، ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي عزم سان پوليو جي خاتمي جي جنگ کٽينداسين، پوليو ورڪرز اسان جا اصل هيروز آهن. اهڙن خيالن جو ا??هار هن سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي شروعات واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ن??را?? وزيراعظم چيو ته هن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ??ڙا پياري 5 ڏينهن واري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. هن ان مهم دوران 5 سالن تائين جي عمر جي 4 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي خاتمي جا ??ڙا پياريا ويندا. ان قومي مهم ۾ ساڍا 3 لک پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، جيڪي اسان جا اصل هيروز آهن ۽ فرنٽ لائين ورڪرز آهن، حڪومت انهن سان گڏ بيهي پوليو جي خاتمي لاءِ جنگ ??نه??جي عالمي حصيدارن سان وڙهي رهي آهي ۽ ان موذي مرض کان اسان جي ايندڙ نسل کي بچائڻو آهي، اهو ا??ان سڀني جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي. ن??را?? وزيراعظم سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ نسل کي ان مرض کان بچائڻ جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي خوشنودي ۽ ??نه??جي آخرت سنوارڻ جي لاءِ حڪومت جي مدد ڪن. هن چيو ته ان مهم کي اسان کي اهڙو مشن سمجهي پورو ڪرڻو آهي جنهن سان عالمي دنيا ۽ مسلمان امت جي اهڙي تصوير پيش ٿئي جنهن ۾ ??نه??جي ٻارن جي حفاظت جي لاءِ ڀرپور عزم جو ا??هار ٿئي ۽ انهي عزم سان پوليو جي خاتمي واري جنگ اسان ضرور کٽينداسين.
پوليو جو خاتمو اسان جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ