بيجنگ – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا، اهو م??صو??و پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي. اها ڳالهه هن چين جي دوري تان وطن واپسي جي موقعي تي چائنا ميڊيا گروپ جي اردو سروس سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي 10 هين سالگرهه تي چين جي ح??وم?? ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. بي آر آئي جي فليگ شپ م??صو??ي سي پيڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اهو م??صو??و پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي، سي پيڪ پاڪستان جي توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جي شعبن ۾ نمايان سيڙپڪاري فراهم ڪئي آ??ي جنهن سان ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا. هن ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آ??ي جنهن ۾ ايم ايل ون جهڙا نوان م??صو??ا جاري آهن. هن چيو ته هي م??صو??و پاڪستان جي ريل سروس ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ روزگار ۽ ترقي جا نوان موقعا متعارف ڪرائيندو. نگران وفاقي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي اعليٰ قيادت جو چين جو ايندڙ دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪندو. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامي جي باوجود پاڪ چين لاڳاپا هر گذرندڙ وقت سان گڏ بهتر ٿي رهيا آهن.
بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا