اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ريڊيو پاڪس??ان ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتين، پاڪس??ان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي سي جي زمين ليز تي ڏيڻ، اشتهارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار، پريس ڪائونسل آف پاڪس??ان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) جي ڪردار تي غور ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ڪيترن ئي معاملن تي جامع بحث ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي پي بي سي ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي ٿيندڙ 53 نئين ملازمن جي چونڊ جي عمل جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو. ڊي جي پي بي سي ڪميٽي کي پي بي سي جي آءِ ٽي سيڪشن ۾ افرادي قوت جي شديد کوٽ بابت آگاهه ڪيو. ڪميٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي چيو ته هو انهن 53 ڪيسز جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي. اطلاعات واري سيڪريٽري انهن ڪيسز جو جائزو وٺڻ ۽ ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري 6 سيپٽمبر 2023ع تي ڪميٽي جي گذريل اجلاس دوران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪس??ان جي ذيلي اداري پاڪس??ان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي سي جي زمين ليز تي ڏيڻ جي حوالي سان ڏنل سفارشن تي تعميل جي رپورٽ فراهم ڪئ??. ڪميٽي ان معاملي جي حل ٿيڻ تائين وزارت تي زور ڏنو ته ڪميٽي جي هر اجلاس ۾ باقاعده اپ ڊيٽ فراهم ڪئ?? وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اشتهارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پي آئي ڊي عملدارن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جا 450 ادارا پي آئي ڊي جي ذريعي اشتهار جاري ڪن ٿا ۽ مخصوص ٽي وي چينلز جي ناظرين جو اندازو هڻي اگهه طئي ڪيا وڃن ٿا. چيئرمين اشتهارن جي ورڇ جي لاءِ شفاف طريقيڪار قائم ڪرڻ ۽ ان عمل جي نگراني جي لاءِ غيرجانبدار بورڊ جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئ?? جنهن سان اشتهارن جي غيرجانبدراڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽي پريس ڪائونسل آف پاڪس??ان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) جي ڪردار ۽ ڪم بابت پڻ پڇاڻو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي سي پي وٽ هن وقت چيئرپرسن موجود نه آهي جنهن جي ڪري ڪائونسل غيرموثر آهي. پي سي پي جي چيئرپرسن جي مقرري جي تجويز صدر کي پيش ڪئ?? وئي آهي. ڪميٽي پي سي پي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ نئين ايڪٽ يا ترميمن جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيٽر عرفان صديقي نيشنل پريس ٽرسٽ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ ان جي ڍانچي، ڪردار ۽ فعاليت بابت تفصيلي بريفنگ جي درخواست ڪئ??. نيشنل پريس ٽرسٽ جي وقتي چيئرمين ٻڌايو ته نيشنل پريس ٽرسٽ 2019ع کان بنا چيئرمين جي ڪم ڪري رهيو آهي، 9 پراپرٽيز جي سارسنڀال ڪري رهيو آهي، ان جا اٽڪل 23 ملازم اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ مل??ان ۾ مقرر آهن. اهڙي طرح پيمرا جي چيئرمين پيمرا جي پاليسي ۽ معاشري جي لاءِ نقصانڪار مواد جي حوصلا شڪني ۾ پيمرا جي ڪردار بابت ڪميٽي کي آگاهه ڪيو. هن واضح ڪيو ته پيمرا وٽ پري سينسرشپ پاليسي نه آهي، هن ڊرامي جي مواد جي نگراني ڪندڙ بنيادي باڊي ”ڪائونسل آف ڪمپلينٽس“ جي غيرفعالي کي اجاگر ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي فعال بڻائڻ ۽ پيمرا جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل شعبن مان ناليوارن ماڻهن کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئ??. ڪميٽي ڊرامي جي مواد جي موثر طريقي سان نگراني ڪرڻ جي لاءِ شڪايت ڪائونسل کي بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ سينيٽر وقار مهدي، عرفان صديقي ۽ لال دين شرڪت ڪئ?? جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ظهور احمد کانسواءِ پيمرا چيئرمين، ڊي جي پاڪس??ان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ڊي جي پي آئي ڊي سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.
سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ