ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف چونڊون م??عقد ڪرائڻ اسان جي گ??يل ذميواري آهي، نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ ماحول سازگار بڻائيندي، ميڊيا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي، چونڊن ۾ عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ مس??نند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان م??اقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ، چونڊ عمل دوران م??ڊيا کي سهولتن جي فراهمي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ان م??قعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين م??جب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، سمورين سيا??ي پارٽين سان بهتر لاڳاپا چاهيو?? ٿا. هن چيو ته ميديا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته چونڊن ۾ مس??نند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي ته جيئن عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شفاف چونڊون م??عقد ڪرائڻ ۾ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ