اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو، ملائيشيا جي واپارين کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار ملائيشيا ۾ پاڪستان جي نام??د هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ?? ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ملائيشيا سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا ڳوليا وڃن. صدر نام??د هاءِ ڪمشنر تي زور ڏنو ته هو ملائيشيا جي واپاري برادري، چيمبر آف ڪامرس سان رابطن کي فروغ ڏي، گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ??اطرخواهه اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، ويليو ايڊيڊ شين جي ذريعي ملائيشيا کي پاڪستان جي درآمد وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. هن چيو ته نام??د هاءِ ڪمشنر ملائيشيا ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي سهولت ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر نام??د هاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ به ڪم ڪري. صدر فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي عملدرآمد ۾ پاڪستان جي مدد تي ملائيشيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر نام??د هاءِ ڪمشنر کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو.
پاڪستان ملائيشيا سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس