پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي ??ور?? ڪرڻ گهرجي، قدرتي آفتن سان سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، معاشي واڌويجهه رڪجي وئي، دنيا کي موجوده معاش?? ۽ ??وسمياتي انتشار کي اصلاح جي موقعي طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي ل??ءِ سربراهي اجلاس جي موقعي تي مون پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران عالمي اڳواڻن جو ڌيان ان خارجي عملن طرف ڇڪرايو جنهن سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ شديد بحران پيدا ٿيو. انهن عملن جي ڪري ترقي رڪجي وئي، سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، بعد ۾ شديد موسمي واقعن مان بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان پاڪستان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي ??ور?? ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ برابر مالياتي اصول تي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ڪرڻ، اهڙين گرانٽس جي فراهمي جيڪي اسرندڙ ملڪن جي وڏن قرضن ۾ اضافو نه ڪن ۽ ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن جي خطري ۾ ورتل ملڪن کي ماحولياتي خطري جي انڊيڪس جي بنياد تي فنڊ تائين پهچ جي قابل بڻائڻ شامل آهي. پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) هاصل ڪرڻ جي ل??ءِ مالياتي فرق کي ??ور?? ڪرڻ ۾ ناڪامي سان گڏوگڏ موسمياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ دنيا کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، جيڪا ساليانو کربين ڊالر آهي. هن چيو ته دنيا کي موجوده معاش?? ۽ ??وسمياتي انتشار کي اصلاح جي موقعي جي طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. عالمي مالياتي ڍانچي تي ٻيهر غور ان جي ٻيهر شروعات جو پهريون نقطو ٿي سگهي ٿو، جتي آءِ ايس آئيز پنهنجي پروگرامن کي ترقي وارن ۽ ايس ڊي جيز ۽ موسمياتي انصاف جي هدفن سان ڳنڍڻ جي ل??ءِ ڊيزائين ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته دنيا کي هن وقت حقيقت کان آگاهي جو لمحو سامهون آهي، اچو اسان سڀ يڪجهت?? ۽ ??مدرديءَ جي جذبي سان چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جو وچن ڪر??ون.
عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات