ڪراچي ?? 15 ??? جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ??يئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شهر قائد جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جيالا چونڊجڻ کي پارٽي جي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ ان اڳڀرائي کي پوري پاڪستان جي فتح قرار ڏنو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب صديقي کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان عبدالله مراد کي ڊپٽي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي ڪراچي جي جيالن جي ??گهي جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. هن چيو ته ملڪ جي معاشي حب ۾ ??فر?? ۽ ورڇ جي سياست پنهنجي منطقي انجام تي پهتي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جمهوريت بهترين انتقام آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪراچي هاڻي ترقي، امن ?? ڀائيچاري جو گهوارو بڻجندو. هن چيو ته ڪراچي جي هر گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي جا بلدياتي مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪنداسين. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي سمورن چونڊيل نمائندن جي ??لهن تي هاڻي وڏيون ذميواريون آهن، پر مون کي يقين آهي ته ماضي ۾ ڏکئي ترين حالتن جو مقابلو ڪندڙ جيالا هن ڀيري به پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀائي هڪ نئين تاريخ لکندا.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران شهر قائد جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جيالا چونڊجڻ کي پارٽي جي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي قرار
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس