اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انضمام ٿيل فاٽا ضل??ن جي لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ??ند?? چيو آهي ته لاڳاپيل اسڪيمن جي لاءِ فنڊز جي منظوري اي سي سي ۽ ٻين فورمن کان جلد ڪرائي وڃي، حڪومت انضمام ٿيل فاٽا ضل??ن جي ترجيحي بنيادن تي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انضمام ٿيل فاٽا ضل??ن جي قومي ا??يمبلي ميمبرن جي 5 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، سمنڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير ??اجد حسين طوري، قومي ا??يمبلي ميمبر مولانا جمال الدين، علي وزير، محسن داوڙ کانسواءِ وفاقي وزير ??سحاق ڊار ۽ سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت سڄي ملڪ جي معاشي طور تي ڪمزور علائقن جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.
وزيراعظم پاران انضمام ٿيل فاٽا ضلعن لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز