اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شي ??ن پنگ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوام ?? پارليامينٽ جو مٿس اعتماد ان جي غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي، صدر شي ??ن پنگ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي ??ن پنگ جي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ?? وزيراعظم چيو ته ان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ چين جو صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر شي ??ن پنگ تي چين جي عوام ?? پارليامينٽ جو اعتماد سندس غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي. صدر شي ??ن پنگ چين جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته سندس قيادت ۾ چين دنيا جي سرفهرست معاشي قوت بڻجي چڪو آهي ۽ اهو سفر مسلسل جاري آهي. صدر شي ??ن پنگ جي بصيرت افروز قيادت ۾ چين تعليم، صحت، زراعت، ايجادن، ٽيڪنالاجي سميت هر شعبي ۾ حيرت انگيز ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته صدر شي ??ن پنگ جي 5 سالن جي صدارت واري مدي ۾ ٻنهي ملڪن جي آزمايل ۽ سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اسان صدر شي ??ن پنگ، چين جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا.
وزيراعظم پاران شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ