دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس ج?? پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هو قط?? جي امير پاران ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم سومر ڏينهن ڪانفرنس جي اجلاس کي خ??اب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف قط?? جي امير شيخ تميم ب?? حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. قط?? جي سيڙپڪاري بورڊ، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي سي اي او منصور ابراهيم ال محمود به وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف تجويزن تي اڳڀرائي بابت خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان جي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي وئي.
وزيراعظم قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری