ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ انشورنس جي شعبي ۾ وڌيڪ شفافيت آڻ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ان قدم سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ معيشت مضبوط ٿيندي، سٺي انشورنس ۽ بئنڪنگ مصنوعات ”بئنڪ ايشورنس“ جي شعبي ۾ ماڻهن جي اعتماد سان گڏوگڏ معيشت ۾ ليڪويڊيٽ?? جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. صدر اها ڳالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي اهتمام هيٺ ”بئنڪ ايشورنس ۾ شفافيت ۽ محتسب جي ڪردار“ جي عنوان سان منعقد ڪانفرنس دوران چئي. ڪانفرنس ۾ وفاقي بئنڪنگ محتسب ڪامران شهزاد، وفاقي انشورنس محتسب خاور جميل، چيئرمين انشورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان محمد حسين هرجي، بئنڪنگ ۽ انشورنس انڊسٽر?? جي عهديدارن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته اهو رياست جو فرض آهي ته اها بئنڪنگ ۽ انشورنس انڊسٽري کي ترقي ۽ شفافيت آڻ?? جي لاءِ هڪ ر??گي??ليٽري فريم ورڪ فراهم ڪري. هن انشورنس انڊسٽري تي زور ڏنو ته اها چيڪ اينڊ بيلنس ۽ فلٽرنگ مڪينزم کي بهتر بڻائي ۽ پاليسي هولڊرز کي انشورنس پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ مناسب احتياط ڪري، ان کانسواءِ انشورنس ڪليمز کي وقت سر ۽ شفاف طريقي سان ادا ڪيو وڃي. صدر وڌيڪ چيو ته انشورنس سيڪٽر کي مضبوط بڻائ?? جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ مل ج?? جي ڊي پي ۾ انشورنس سيڪٽر جي تعاون کي وڌيڪ وڌائ?? جي لاءِ قدم کڻ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ آهي جڏهن ته ٻين علائقائي ملڪن ۾ اهو 3 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. صدر چيو ته انشورنس سيڪٽر عام ماڻهن جي لاءِ منافعو ڏيندڙ مصنوعات پيش ڪري سگهي ٿو ته جيئن منافعو ڏيندڙ سيڙپڪار?? جي لاءِ ماڻهن کي بچتن کي ترغيب ڏئي سگهجي ۽ معيشت کي سها??و ڏئي سگهجي. هن ملڪ جي دولت کي گردش ۾ رک?? جي لاءِ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ رکيل رقم کي معيشت جي ٻين پيداواري شعبن ۾ منتقل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته فصل جي بيمي ۽ سماجي انشورنس جهڙي نئين مصنوعات کي موجوده موسمي حالتن جي ڏس ۾ متعارف ڪرائڻ گهرجي. صدر چيو ته انشورنس جي مصنوعات ۽ خدمتن تي ماڻهن جو اعتماد پيدا ڪر?? جي لاءِ پاليسي وڪرو ڪرڻ وقت ماڻهن کي انشورنس پاليسين بابت صحيح معلومات فراهم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بيمي ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي سيلز فورس پاران فيئر پل?? جي ذريعي صارفين جو اعتماد کٽ?? جي لاءِ بهترين طرز عمل اختيار ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي انشورنس محتسب خاور جميل شرڪت ڪندڙن کي ادار?? جي ڪارڪردگي ۽ ترقي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال دوران شڪايت ڪندڙن کي 2.57 ارب رپين جي لاڳت جو مالي ريليف فراهم ڪيو ويو، اهو وفاقي انشورنس محتسب ۾ تڪرارن جي دوستاڻي حل ۽ شڪايتن جي ازال?? جي موثر نظام جي ذريعي ممڪن ٿيو آهي. ان کان اڳ صدر متاثرين ۾ چيڪ پڻ ورهايا.
سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ معيشت مضبوط لاءِ بئنڪ انشورنس جي شعبي ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea