اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي ا??) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (حڪومتي سربراهن) جي 21 هين ??جل??س کي خطاب ڪيو. ورچوئل فارميٽ ۾ ??جل??س جي ميزباني چين ڪئي جيڪو ايس سي ا?? جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو موجوده سربراهه آهي. چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي حڪومتي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي ا?? جي مبصر ملڪن جي نمائندن پڻ ??جل??س ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي ??زير شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جي ا??ميت تي زور ڏيندي چيو ته تنظيم جي خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطا قائم ڪرڻ سان ايس سي ا?? جي وچ ۾ تعاون جي سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي کولڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ا??ٽو جو اهم منصوبو آهي جيڪو علائقائي رابطن ۽ انضمام جي ذريعي گڏيل خوشحالي جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ويزن کي مڪمل ڪري ٿو. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي ا?? کي ا??تهائي ا??ميت ڏيان ٿو ۽ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن جي بنياد تي علائقائي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ منصوبن تحت قدم کنيا آهن. هن غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي ڪامياب قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غربت جي خاتمي جي لاءِ ايس سي ا?? جي خصوصي ورڪنگ گروپ جو پهريون ??جل??س ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي ??زير پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ا??ميت کي اجاگر ڪيو. هن ترقي يافته ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته اهي ”ڪلائميٽ فنانس“ بابت پنهنجي واعدن کي پورو ڪن ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترقي جي هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري ا??تصادي ترقي جي لاءِ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي ا??ميت جو ذڪر ڪندي رياستي دهشتگردي سميت دهشتگردي جي لعنت کي ا?? جي سمورن مظاهر ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن افغانستان سان پائيدار ۽ عملي رابطي جي ا??ميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن افغان عوام کي پنهنجي ملڪ کي درپيش انساني ۽ معاشي بحرانن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي. ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي، جتي ميمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار