اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪي فلمي صنعت کي رليف ڏ??ڻ لاءِ فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2018ع جي بحالي جو وڏو فيصلو ڪندي چيو آهي ته فلم ۽ ثقافت جي اسٽيڪ هولڊرز سان ??شاورت کانپوءِ جوڙيل تجويزن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ان حوالي سان جلد سفار??ون تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلم پرو??يو??رز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ايسوسيئيشن جو ايگزيڪيٽو ميمبر عرفان ??لڪ، شيخ امجد رشيد، پير سعد، سيد نور، ساتش آنند ۽ بدر اڪرام شامل هئا. وفاقي وزير چيو ته پنجابي فلم اسان جو قيمتي اثاثو آهي جنهن تي هن وقت جمود طاري آهي، ان ۾ وري جان ??جهنداسين. هن چيو ته ٻارن جي لاءِ تيار ٿيندڙ مواد تي خصوصي رعايت ڏينداسين ته جيئن ٻارن لاءِ بهترين فلمن، ڪارٽونن، ڊرامن، ڪهاڻين ۽ تعليم ۽ تربيت بابت پروگرامن جي حوصلا افزائي ٿئي. هن چيو ته فلم کي صنعت جو درجو ڏئي رهيا آهيون، صنعت جي طور تي ان شعبي کي رعايت ڏينداسين، فلمن جي ڪهاڻي، معيار، ٽيڪنالاجي بهتر بڻائڻ ان ??ومي پاليسي جو حصو آهي ان کانسواءِ ان ۾ سينيما گهرن جي بحالي، نون سينيما گهرن جي تعمير ۽ فنڪارن جي لاءِ مراعتون شامل آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عوام کي تفريح جي فراهمي لاءِ ٽڪيٽ جي قيمت گهٽ، شوٽنگ لاءِ اجازت نامن کي آسان بڻائينداسين، فلم، ڊراما، اسٽيج ۽ فنون لطيفه پاڪستان جي عالمي اميج کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته عدم برداشت، انتشار اسان جي معاشري ۾ نه هو اهو پيدا ڪيو ويو، ان کي ختم ڪرڻو آهي، فلم، ڊراما ۽ فنون لطيفه معاشري جي ادبي، اخلاقي، تهذيبي ۽ علمي ۽ روايتي زندگي هوندا آهن، اهي روح زنده ڪندا آهن. هن چيو ته معياري فلمن جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي، ان شعبي کي ٽيڪنالاجي ۽ جديد گهرجن سان ??م آهنگ ڪنداسين، پاڪستاني فلمن جي ايڪسپورٽ جي حوصلا افزائي ڪنداسين ۽ گڏيل پروڊڪشن جي امڪانن کي فروغ ڏ??نداسين، فلم سازي لاءِ اوزار ۽ مشينري جي درآمد ۾ حڪومت تعاون ڪندي. اطلاعات واري وزير فلم انڊسٽري تي لاڳو وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي خاتمي جو مطالبي تي غور ڪرڻ جي خاطر ڪرائي. فلم پرو??يو??رز ايسوسيئيشن جي وفد وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي فلمي صنعت جي بحالي جي باري ۾ قدمن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته فلم پرو??يو??رز ايسوسيئيشن جي مطالبن، مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو.
مريم اورنگزيب پاران فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2018ع جي بحالي جو وڏو فيصلو
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس