اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان جي حڪومت امپورٽيڊ نه آهي، ع??ران خان امپورٽيڊ آهي، ع??ران خان کي 50 لک گهرن جي تعمير، ٻاهران 200 ارب ڊالر کڻي قرضدارن کي منهن تي هڻڻ ۽ عوام جو ڏک درد ونڊڻ جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي جلسن ۾ عوام کي ٻڌائڻ گهرجي، ع??ران خان جو تڪبر ۽ پنهنجي ميمبرن ۽ اتحادين سان توهين آميز رويو سندس حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ اسان جي لاءِ مدد??ار ثابت ٿيا، اسان کي پارليامينٽ سميت سمورن آئيني ادارن جو وقار بحال رکڻو ??هي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اسان جي آئيني ادارن واضح لفظن ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته آئين ملڪ جي مقدس دستاويز آهي ۽ پارليامينٽ سميت سمورا ادارا پنهنجون آئيني ذميواريون انجام ڏيندا. هن چيو ته اسان آئيني طريقي سان هڪ وزيراعظم کي هٽايو ڪنهن کي ڪو ٽيليفون نه آيو. خواجه آصف چيو ته عمران خان جو تڪبر ۽ پنهنجي ميمبرن، اتحادين سان توهين آميز رويو اسان جي لاءِ مدد??ار ثابت ٿيا. هن چيو ته هن پنهنجي تقريرن ۾ پنهنجي ڪنهن ڪارنامي جو ذڪر نه ڪيو رڳو گاريون ڏئي رهيو ??هي. عمران خان کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته هن 50 لک گهر ٺاهيا آهن ۽ 200 ارب ڊالر کڻي قرضدارن جي منهن تي هنيا آهن. هن چيو ته عمران خان عوام جو ڪو ڏک ۽ درد ونڊيو آهي ته ان جو ذڪر ڪري. دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته عمران خان جي وزيرن کنڊ، اٽو، دوائن ۽ ٽرانسفرز پوسٽنگ ۾ ڪمايون ڪيون آهن. هن چيو ته اسان جو نئون چونڊيل وزيراعظم 14 کان 15 مهينن جي لاءِ آيو آهي، ڪو به قدم آئين ۽ قانون موجب کڻندو، سندس ڪو به قدم ذاتي پسند ۽ ناپسند تحت نه هوندو. هن چيو ته هي ايوان آئين تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ??هي. ماضي ۾ اقت??ار جي لاءِ مذهب ڪارڊ، آمريڪا مخالف، پاڪ ڀارت روايتي دشمني جا ڪارڊ استعمال ڪيا ويا. ان شخص اهي سمورا ڪارڊ استعمال ڪيا آهن. پاڪستاني سياسي تاريخ جو هي وڏو مير جعفر ۽ مير صادق ??هي. پاڪ فوج ملڪي دفاع جي ضامن ??هي. هن مذهب، سياست ۽ اخلاق کي بگاڙيو. هن قومي سلامتي جي ??دا??ر ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. خواجه آصف چيو ته هو جلسن جي لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي، ان کي نه ته شرم اچي ٿي نه حيا اچي ٿي. عمران خان ۽ سندس رشتيدارن ۽ ساٿين جي ڪرپشن جا داستان موجود آهن. انهن چوري جو مال ايمنسٽي اسڪيم ذريعي حلال ڪيو. اسان کي پارليامينٽ سميت سمورن آئيني ادارن جو وقار بحال رکڻو ??هي. پي ٽي آءِ وفاق ۽ پنجاب ۾ آئين جي خلاف ورزي ڪئي. مسجد نبوي ﷺ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن گاريون ڏنيون اسان کي ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ چار سال جي تباهي جو ازالو ڪرڻو پوندو. عمران خان اقت??ار جي لاءِ منٿون ڪندو رهيو ۽ گاريون ڏيندو رهيو. ادارن جي ورڇ ۽ توهين ڪنهن صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي. سڀ گڏجي آئين ۽ آئيني ادارن جو دفاع ڪندا. عمران خان انا پرست ۽ بيماري ??هي. اقت??ار جو اچڻ وڃڻ عارضي شيءَ ??هي. هي حڪومت امپورٽيڊ نه آهي، ع??ران خان امپورٽيڊ ??هي. اسان تي عداري جا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، هي پاڪستان جي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ ??هي.
اسان جي حڪومت امپورٽيڊ نه آهي، عمران خان امپورٽيڊ آهي: وفاقي وزير خواجه آصف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار