اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف جو وزيراعظم ??ڻجڻ جو خواب چڪنا چور ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالت مان ضمانت تي آزاد آهن، هڪ وزارت عظميٰ ۽ ٻيو وزارت اعليٰ جو اميدوار بڻجي ويٺل آهن، انشاءُ الله وزيراعظم ??مران خان ئي هوندو، جيڪي ماڻهو شيروانيون سبرائي ويٺل آهن، انهن جون شيروانيون ٽنگيل رهنديون. انهن کي پاجاما نه ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان ??وقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ وزيراعظم ??و خاص مددگار شهباز گل به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ايجنسين کان ??لندڙ ٿريٽ کانپوءِ وزيراعظم ??مران خان جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، رياست جو فرض آهي ته هو پنهنجي سربراهن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته شهباز شريف جو وزيراعظم ??ڻجڻ جو خواب چڪناچور ٿيندو، پيءُ ۽ پٽ ٻنهي جو وزيراعظم ۽ وڏو وزير بڻجڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ عدالت مان ضمانت تي آزاد آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏي وزير جا اميدوار بڻجي ويٺل آهن، انشاءُ الله وزيراعظم ??مران خان ئي هوندو، جيڪي ماڻهو شيروانيون سبرائي ويٺا آهن، انهن جون شيروانيون ٽنگيل رهنديون. انهن کي پاجاما به نه ملندا. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪنهن به طور تي ملڪ جي عوام اجازت نه ڏيندي ته ڪنهن ٻاهر جي ملڪ ۾ ويهي سازش سان ??اڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪئي وڃي. هن چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪجهه سئو ملين ڊالر خرچ ٿين ۽ حڪومت بدلائي وڃي. وفاقي وزير چيو ته ناراض ميمبرن جي ملاقاتن جو به نوٽيس ورتو ويو آهي، انهن جي خلاف ڪارروائي اڳتي وڌندي، ان حوالي سان ??انوني ٽيم پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪري ورتي آهي، اميد آهي ته سڀاڻي تائين سپ??يم ڪورٽ سان رجوع ڪري وٺنداسين، چوڌري فواد حسين چيو ته آرٽيڪل 184 جي ٻڌڻي دوران اسان چاهيون ٿا ته سپ??يم ڪورٽ ڏسي ته ڪهڙي طرح بي اعتمادي رٿ جو مسودو ٻاهرين ملڪ تيار ٿيو، ان کي پاڪستان ڏانهن موڪليو ويو، رات جي پيٽ ۾ اها رٿ آندي وئي، ان کانپوءِ ڪجهه ماڻهن جو ضمير به جاڳي ويو جنهن کي ضمير جي هجي تائين نٿي اچي. هن چيو ته شهباز شريف چيو هو ته خط مون کي ڏيکاريو وڃي ته آئون گڏ بيهندس، جڏهن کيس گهرايو ويو ته هو نه آيو ڇو ته کيس پتو آهي ته ان سازش ۾ هو پاڻ ملوث آهي. مخالف ڌر جا مُک ماڻهو ان سازش جو حصو آهن، وفاقي وزير چيو ته غلام شريفيه شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ خواجه آصف بي ضمير ماڻهو آهن، خواجه آصف پاڪستان جو پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير جي عهدي تي رهندي دبئي جي ڪمپني مان ??گهار کڻندو رهيو، اهڙي طرح جا بي ضمير ماڻهو پاڪستان تي مڙهيل رهيا آهن، هن چيو ته خواجه آصف چئي رهيو آهي ته آمريڪا اسان کي ڊرپ لڳائي رکي آهي، اهي ماڻهو پاڪستان جي عوام کي بي غيرتي جي زندگي ڏيڻ چاهين ٿا، پاڪستان جا ماڻهو غيرتمند ماڻهو آهن، اسان جي بدقسمتي آهي ته احسن اقبال جهڙا ماڻهو پاڪستان تي مڙهيل رهي، بي شرم ماڻهن جو اهو گروهه عالمي سازش سان ??اڪستان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو ان سازش کي سڃاڻي ويا آهن، ان جي خلاف اٿي بيٺا آهن، هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ بي ضمير ماڻهن جي خلاف مظاهرا ٿيا، آئون انهن سمورن ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ??و جنهن انهن مظاهرن ۾ حصو ورتو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي قيادت عمران خان جهڙي غيرت مند اڳواڻ وٽ رهندي، اسان ڪڏهن پاڪستان کي جهڪڻ ۽ پاڪستاني قوم کي وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين. هي ملڪ ڊرپن جي سهاري نٿو هلي سگهي، هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ مڊل ڪلاس طبقي جي پارٽي آهي، پهرين به چئي چڪا آهيون ته اسان آئين موجب هلنداسين، اسپيڪر جو آئيني ڪردار آهي، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته انشاءُ الله سڀاڻي پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير ٿيندو. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان ??رانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊز جي سياست ناهيون ڪندا، احسن اقبال جهڙا ماڻهو اقتدار ۾ انهي لاءِ اچڻ چاهين ٿا ته اهي ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ جي سياست ڪري سگهن، انهن چورن جي سوچ ايستائين ئي محدود آهي، ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ کان اڳتي انهن جي سوچ ئي نه آهي.
شهباز شريف جو وزيراعظم بڻجڻ جو خواب چڪنا چور ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالت مان ضمانت تي آزاد آهن، هڪ وزارت عظميٰ ۽ ٻيو وزارت اعليٰ جو اميدوار آهي، انشاءُ الله وزيراعظم عمران خان ئي هوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ