اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن، جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپنين جي سربراهن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر ڏينهن س??ڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد ۾ ايزي پري فيبريڪيٽڊ هومز پرائيويٽ لميٽي?? جو سي اي او، لاهي ٽريڊنگ انٽرنيشنل پرائيويٽ لميٽي?? جو سي اي او، ياياشينگ انڊسٽريل پراڊڪٽس ??مپن?? جو سي اي او، ليڊ زون پرائيويٽ لميٽي?? جو سي اي او، چيانگ شنگ پاڪستان س??اميڪس پرائيويٽ لميٽي?? جو سي اي او، سنووائيٽ لاويشن پرائيويٽ لميٽي?? جو سي اي او، زينگ بانگ ايگريڪلچر پاڪستان پرائيويٽ لميٽي?? جو سي اي او، ايگزٽ ٽيڪ پرائيويٽ لميٽي?? جو سي اي او ۽ چئلينج فيشن پرائيويٽ لميٽي?? جو سي اي او شامل هئا. ان موقعي تي چيني سفير نونگ رانگ به موجود هو، وفاقي وزير محمد حماد اظهر شوڪت فياض ترين، اسد عمر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ گهري دلچسپ?? جو اظهار ڪيو وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت ايز آف ڊوئنگ بزنس پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي، سيڙپڪارن لاءِ مراعتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ انتظامي ڪاررواين کي آسان بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته انهن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ هو مهيني پاڻ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته پاڪستان چين س??ن صنعتي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، چيني سيڙپڪارن س??ن پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا ملندا ۽ افرادي قوت هنر سکندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، وزيراعظم چيو ته زراعت، ماهيگيري، سبزي، فروٽ، وڌيڪ پيداوار و??را پالتو جانور، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ننڍي صنعتن تي ڌيان ڌيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي.
حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان