اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ??ندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (911) قائم ڪرڻ بابت وزيرا??ظم کي اپ ڊيٽ کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيرا??ظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، گهرو سيڪريٽري، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي چيئرمين، نادرا جي چيئرمين، اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، ڊي جي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن، ڊي جي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته بين الصوبائي رابطن سميت سمورو ضروري ??م مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ آڪٽوبر 2021ع جي پهرين هفتي تائين هيلپ لائين باقاعده افتتاح جي لاءِ تيار هوندي. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد کان جلد سروس شروع ڪرڻ ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. وزيرا??ظم ??مي?? ظاهر ڪئي ته ان هيلپ لائين جاري ??رڻ سان ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ڇو ته ڏوهن جي خلاف وقت سر ڪارروائي عمل ۾ آ??ي سگهبي.
حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores