اس??ام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪند وران ڪورونا وائرس سبب 40 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي ??ولي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 449 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي ??ناس?? جي لحاظ کان ملتان ۾ 41 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اس??ام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي ??ه??لت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي ??ناس?? جي لحاظ کان پشاور ۾ 53 سيڪڙو، اس??ام آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرات ۾ 75 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 32 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 845 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 527، پنجاب ۾ 15 هز??ر 818، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 443، اس??ام آباد ۾ 7 هزار 291، بلوچستان ۾ 453، گلگت بلتستان ۾ 289، آزاد ڪشمير ۾ 1024 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 78 هزار 314 ٿي چڪو آهي.
ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena