اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ڪورونا وبا جي اثرن کان بحالي لاءِ تعميراتي شعبي جو فروغ اه??يت رکندڙ آهي، نئين سوسائٽين ۽ تعيمراتي منصوبن سان گڏوگڏ موجوده غير منظور يا غير قانوني هائ??سن?? سوسائٽ??ن جي حوالي سان به مستقبل جو لائحه عمل جوڙيو وڃي. هن اها هدايت هائ??سن??، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊنيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري تعميراتي سرگرمين ۽ مختلف منصوبن جي منظور??ن جي عمل ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ حڪومت پاران سماجي تنظيم اخوت جي ذريعي مدد فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت پاران اخوت کي پنج ارب روپيا فراهم ڪيا ويا هئا، ان منصوبي جي ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي حڪومت اخوت کي وڌيڪ پنج ارب روپيا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تنهن هوندي به اخوت پاران ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ ما??ي سال جي لاءِ انهن کي وڌيڪ 2 ارب روپيا گهربل آهن جيڪي حڪومت پاران فراهم ڪيا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اخوت منصوبي تحت هن سال جي آخر تائين 16000 گهرن جي تعمير مڪمل ٿي ويندي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران تعيمراتي منصوبن جي منظور??ن جي حوالي سان اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب