اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ ووٽ جي تقدس جي بحالي چاهي ٿو، پراڻي خريد ۽ وڪري جي روايت کي پاڙ کان پٽڻو آهي، اهڙا ميمبر پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرج?? جيڪي ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهن، سينيٽ اليڪشن ۽ سياست ۾ خريد ۽ وڪري جي خل??ف وزيراعظم ۽ حڪومت جبل وانگر بيٺل آهن، عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهايئندي چئي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسا?? جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ۽ عوام کي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اهڙا ماڻهو پارليامينٽ ۾ اچ?? جيڪي ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهن نه ڪي اهي هڪ خاص مقصد لاءِ پارليامينٽ ۾ اچن ۽ پنهنجو خرچ ڪيل پئسو وصول ڪري وڌيڪ پئسو ٺاهين. هن چيو ته سچ سدائين غالب ايندو آهي، فيصلو انشاءُ الله حق تي ايندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ڪارڪن حق ۽ سچ سان گڏ تاريخ جي ساڄي طرف بيٺل آهن جڏهن ته جيڪي تاريڪ قوت?? جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، اهي تاريخ جي کاٻي طرف بيٺل آهن ۽ تاريخ انهن کان جواب گهرندي، هن چيو ته عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسا?? جي خواهش آهي ته هر سطح تي چونڊن ۾ شفافيت اچي ڇاڪاڻ جو اسا?? جي ملڪ ۾ جڏهن به چونڊون ٿيون انهن تي اعتراض ٿيا.
وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ ووٽ جي تقدس جي بحالي چاهي ٿو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن