لاهور – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا سان ڏهاڙي فوتگيون 50 کان وڌي ويون آهن، هڪ قوم جي حيثيت ۾ احتياط نه ڪيو ويو ته ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي سان گڏوگڏ معيشت به متاثر ٿيندي، سماجي فاصلن ۽ ايس او پ??ز تي عملدرآمد ڪري ئي ڪورونا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، پا??ست??ن واحد ملڪ آهي جنهن رمضان المبارڪ ۾ مسجدون بند نه ڪيون، عوام ۽ عالم سڳورن جهڙي طرح اڳ ۾ ڪورونا وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت سان پورو تعاون ڪيو، اڄ ٻيهر ان تعاون جي ضرورت آهي، ڪورونا کان بچائيندي بچائيندي ماڻهن کي بک سان نه ٿا ماري سگهون، ان لاءِ ڪارو??ار ۽ فيڪٽريون بند نه ڪنداسين، ڪورونا وبا دوران جلسن جلوسن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، مخالف ڌي جيترا مرضي جلسا ڪري اين آر او نه ملندو، معاشي لحاظ کان پاڪسدتان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، فيصل آباد ۾ فيڪٽريون تيزي سان هلي??ن ۽ مزدورون جي کوٽ درپيش آهي، قرضن جي قسطن جي ادائيگي جي ڪري معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، قسطون نه ادا ڪرڻيون پون ته اس??ن جي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي، اوورسيز پا??ست??ني اس??ن جو قيمتي اثاثو آهن، پنجاب ۾ قبضا گروپ جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا اس??عمال ۾ آڻي رهيا آهيون، شگر مافيا ڳٺ جوڙ سان کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، راوي ريور منصوبي تحت 60 لک وڻ لڳايا ويندا، ڪامياب پرڏيهي پاليسي سان دنيا ۾ پا??ست??ن جو مثبت اميج اڀريو آهي، اس??ن ڪشمير جي معاملي ۾ ڀارت کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو، ڊو مور جو مطالبو ڪندڙ آمريڪا اڄ اس??ن کي ساراهي رهيو آهي، ترڪي، ايران، افغانستان، سعودي عرب ۽ يو اي اي سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، جيستائين اس??ائيل فلسطين کي آزادي نه ٿو ڏي ان وقت تائين اس??ائيل کي تسليم نه ٿو ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
ڪورونا سان ڏهاڙي فوتگيون 50 کان وڌي ويون آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار