اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چڙي ڪوٽ سيڪٽر ۾ لائين آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو. آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر پڻ ان موقعي تي موجود هو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب جنرل آفيسر ڪمانڊنگ وزيراعظم کي لائين آف ڪنٽرول تي صورتحال، ڀارت پاران سيزفائر جي خلاف ورزيون ڪندي شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ پاڪ فوج پاران پيشيواراڻي ا??داز ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڀارتي غيرپيشيواراڻي ا??روچ جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکن??و. ??ارتي گولاباري سبب شهيد ٿيندڙن جي خاندانن ۽ زخمين سان ملاقات ڪند?? و??يراعظم انه جي حوصلي ۽ عزم کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا