سانتياگو-29 نومبر (اي پي پي)لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين خطن جي 29 ملڪن جي مجموعي آب??دي 2024ع ۾ 66 ڪروڙ 30 لک تائين پهچي وئي جيڪا 2000ع ۾ لڳايل اندازن کان 3.8 سيڪڙو گهٽ آهي. اها ڳالهه چلي ۾ قائم گڏيل قومن جي لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين بابت اڪنامڪ ڪميشن طرفان جاري رپ??رٽ ۾ چئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي اداري جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري جوز مينوئل سالزار زيريناڪس طرفان رپ??رٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ويو ته هلندڙ صدي جي شروعات ۾ انهن خطي جي پيدائش جي شرح ۾ اميد کان وڌيڪ تيزي سان گهٽتائي ٿي ۽ ڪووڊ -19 ج?? وبائي بيماري ۽ لڏپلاڻ به ان رجحان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سندن ادارو آب??دي جي صحت کي هٿي ڏيڻ ۽ گهٽ آمدني وارن گروپن، صحت جي سارسنڀال ۽ سماجي تحفظ جي نظام تائين سڀني کي پهچ کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪري ٿو. رپ??رٽ ۾ چيو و??و آهي ته 2000ع ۾ ماهرن اندازو لڳايو هو ته 2024ع تائين خطي جي آب??دي 68 ڪروڙ 90 لک تائين پهچي ويندي، رپ??رٽ ۾ ٻڌايو و??و آهي ته انهن ملڪن ۾ 2000ع ۽ 2023ع جي وچ ۾ رڪارڊ ڪيل موت جي شرح اندازن کان وڌيڪ رهي جيڪا ڄاڻايل خطي ۾ آب??دي جي گهٽتائي جو سبب به ٿي سگهي ٿي.
لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين خطن جي 29 ملڪن جي مجموعي آبادي 66 ڪروڙ 30 لک ٿي وئي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria