انقره، دمشق – 09 فيبروري (اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي پکيڙيندڙ زلزلي س??ب فوتگين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو. ترڪيه جي انادولو ايجنسي خميس تي ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي منيجمنٽ اٿارٽي جي حوالي س??ن ٻڌايو ته ملڪ ۾ تباهي پکيڙيندڙ زلزلي س??ب فوتگين جو انگ 12 هزار 391 تائين پهچي ويو آهي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ ۾ شام جي صحت واري وزارت جي حوالي س??ن ٻڌايو ويو آهي ته شام ۾ حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1262 ماڻهو فوت ۽ 2285 زخمي ٿيا. ميڊيا ??پورٽس ۾ امدادي ڪارڪنن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته شام ۾ مخالف ڌر جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1730 ماڻهو فوت ۽ 2850 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ??هن. زلزلي س??ب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاروائيون جاري آهن . واضح رهي صحت جي عالمي اداري خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فوتگين جو اصل انگ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ