فيصل آباد – 08 ف??بروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فيصل آباد انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جو دورو ڪيو جتي هن سي سي يو سميت مختلف وارڊن ۾ وڃي علاج هيٺ مريضن جي عيادت ڪئي ۽ انهن کي فراهم ڪيل علاج ۽ ٻين سهولتن جي باري ۾ دريافت ڪيو، هن سي سي يو ۽ مختلف وارڊز ۾ داخل مريضن جي ??ظرداري ڪندڙن ۽ انهن جي ??وئينرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جن??ن علاج جي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فرخ حبيب چيو ته صحت جي اعليٰ معيار جي سهولتن جي بنا فرق جي ??راهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جڏهن ان ڏس ۾ هيلٿ ڪارڊ به جاري ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ملڪ جي ڪيترن ئي ٻين ڊويزنن وانگر فيصل آباد سميت ڊويزن جي چئني ضلعن جي ??ر گهراڻي کي به آهستي آهستي ڪارن جي سهولت ميسر اچي ويندي جن??ن سان ڪنهن به پسند جي اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کان 10 لک روپين تائين جو مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهبي. هن اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي دوائن جي ??راهمي سميت ڪنهن به قسم جي ڪا به ڏکيائي ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻ نه گهرجي. مملڪتي وزير اسپتال ۾ ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر تي به ويو ۽ اتي ويڪسين لڳائيندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته شهرين پاران ڪورونا ايس او پيز تي ان جي روح موجب عمل نه ڪرڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جي ڪيسن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي تنهن ڪري شهري پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين، عزيزن، دوستن جون زندگيون محفوظ بڻائڻ لاءِ فوري ڪورونا کان بچاءُ جي ??فت حفاظتي ويڪسين لڳرائي??. ه?? چيو ته ٽيهه سالن کان وڌيڪ عمر جي جن ماڻهن کي ٻيو ڊوز لڳي 6 مهينا گذري ويا آهن اهي احتياطي ۽ حفاظتي طور تي بوسٽر ڊوز به لڳائي سگهن ٿا. ان دوران اسپتال جي ??يڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر محمد نديم اختر ۽ ٻين عملدارن کيس اسپتال جي ??ختلف معاملن ۽ علاج جي سهولتن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.
فرخ حبيب پاران فيصل آباد انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جو دورو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن