اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل سياحن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرمي، ايف سي ۽ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي، برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سڄ?? رات آپريشن جاري رهيو پر ان باوجود 16 کان 19 ماڻهن جي گاڏين ان??ر موت ٿي آهي، مري ويندڙ س??ورا رستا بند ڪيا ويا آهن، مقامي ماڻهن کي اپيل آهي ته اهي برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خوراڪ ۽ ڪمبل مهيا ڪن. مري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ضلعي ان??ظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي نگراني ۾ سياحن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته گذريل پندرنهن کان ويهه س??لن کانپوءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ برفباري جي سيزن ۾ مري ۽ گليات جو رخ ڪيو آهي ۽ سڄ?? رات آپريشن جاري رهڻ باوجود 16 کان 19 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. هن ٻڌايو ته آپريشن دوران برفباري ۾ ڦاٿل هڪ هزار گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ شام تائين وڌيڪ هڪ هزار گاڏين کي برفباري مان ڪڍيو ويندو. هن ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ۽ اسلام آباد جي ضلعي ان??ظاميا طرفان سڄ?? رات آپريشن جاري رهيو ۽ اڄ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ ايف سي جي جوانن کي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي خوراڪ، گرم ڪپڙا مهيا ڪرڻ سان گڏو گڏ برفباري مان ڪڍي سگهجي. هن چيو ته شهري ٻن ڏينهن ل??ءِ مري جو رخ نه ڪن ڇو جو آچر جي شام تائين مري ويندڙ س??ورا رستا بند ڪيا ويا آهن.
مري ۾ ڦاٿل سياهن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرمي، ايف سي ۽ رينجرز طلب: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو