اسلام آب??د – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين س??يت مريءَ ۾ فوت ٿيندڙ اسلام آب??د پوليس جي اي ايس آءِ نويد اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت جي اظهار لاءِ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران بيان موجب صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نويد اقبال، سن??س خاندان س??يت معصوم ٻارن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي سخت صدمو پهتو. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ??نهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena