اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اسلامي فلاحي رياست بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي، حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ عام م??ڻه?? جي ڀلائي لاءِ پروگرام متعارف ڪرايا آهن، اس??ن چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، ان لاءِ مخالف اس??ن جي خلاف گوڙ ڪري رهيا آهن، اس??ن کي آزاد عدليه ۽ ميڊيا مان ڪو به مسئلو نه آهي، ماضي ڪنهن به حڪومت ميڊيا کي تنقيد جي ايتري آزادي نه ڏني جيتري اس??ن ڏني آهي، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪئي وئي ۽ الزام لڳايا ويا، ميڊيا ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اس??ن جي خلاف آهن، نوجوان نوان آئيڊيا آڻين، حڪومت پوري طرح حمايت ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام تحت نوجوانن لاءِ ڊجيٽل ميڊيا انٽرنشپ جي آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو ??فاقي وزير چوڌري فواد حسين به موجود هو، وزيراعظم چيو ته هن پروگرام جو آغاز خوش آئنده آهي، نوجوان اس??ن جي ملڪ جو ??ستقبل آهن، وزيراعظم چيو ته نوجوانن پاڻ کي گهٽ نه سمجهن، مون ڪرڪيٽ ۾ گهڻيون مشڪلاتون ڏٺيون پر ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ ڪو??شو?? جاري رکيون. هن چيو ته الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي، وڏا خواب ڏسندڙ ۽ ان لاءِ محنت ڪندڙ ئي وڏا انسان ٿين ٿا، ۽ اهي مشڪلاتن کان ناهن گهٻرا??ين??ا، وزيراعظم چيو ته دنيا ڊجيٽل طرف وڃي پئي ۽ ايندڙ دور ڊجيٽل جو آهي، نوجوان پنهنجين صلاحيتن جو اس??عمال ڪندي وڏن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو??شو?? ڪندا رهن ۽ پنهنجي سوچ بلند رکن، هن چيو ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا م??ڻه?? رهن ٿا هڪڙا اهي جيڪي پاڻ لاءِ سوچين ٿا ٻيا اهي جيڪي ٻين لاءِ سوچيندا آهن. وزيراعظم چيو ته انٽرنشپ حاصل ڪندڙ پاڪستان جي ويزن ۽ مقصد کي اڳيان وڌائن، پاڪستان بڻائڻ جو ??قصد هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ هو جيڪو مثالي ۽ سلامي رياست ٺهي، اسلامي رياست خوددار هوندي آهي جيڪا ڪنهن جي به آڏو ناهي جهڪندي، اس??ن کي هڪ خوددار قوم بڻجڻو آهي، اسلامي رياست جي ٻي خاصيت انسانيت جو احساس هوندي آهي ۽ اس??ن ان جي لاءِ ئي احساس پروگرام شروع ڪيو. خيبرپختونخوا ۾ هر خاندان کي اس??ن صحت انشورنس فراهم ڪئي آهي. بي گهرن لاءِ پناهگاهون قائم ڪيون آهن، هن چيو ته م??ڻه?? جي ڀلائي جو ڪم پاڪستان ٺهڻ سان ئي شروع وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته ڪو به معاشرو انصاف کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. اسلامي رياست ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي جتي قانون جي حڪمراني نه هجي ته اها بنانا ريپلڪ هوندي آهي، وزيراعظم چيو ته اس??ن جي حڪومت ۾ ميرٽ جو ??ظام آهي ۽ سرڪاري عهدا ڪنهن خاندان جي م??ڻه?? لاءِ نه آهن، اس??ن طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته مخالف شور مچائڻ شروع ڪن ٿا، ڇو ته اس??ن چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته پهرين صرف ڪمزورن کي جهليو ويندو هو ۽ طاقتورن جي خلاف ڪير به ڪارروائي نه ڪندو هو. مخالفين اين آر او گهرن ٿا ۽ چاهين ٿا ته انهن کي نه جهليو وڃي، وزيراعظم نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سچ تي قائم رهن ۽ حقيقتون بيان ڪن ڇو ته ڪوڙ ڳالها??ين??ڙ جي ڪا به عزت ناهي هوندي، وزيراعظم چيو ته صحافت ۾ ساک جي وڏي اهميت هوندي آهي، ڪوڙيون خبرون ڏيندڙن جي عزت نٿي رهي، تنقيد سدائين سچ جي بنياد تي هجڻ گهرجي، اس??ن کي آزاد عدليه ۽ ميِڊيا مان ڪو به مسئلو نه آهي ڇو ته اس??ن جي حۡڪومت نه قانون ٽوڙي ٿي نه ئي ڪرپشن ڪري ٿي، وزيراعظم چيو ته هو چئلينج ڪري ٿو ته ميڊيا کي جيتري آزادي هن وقت آهي اها ماضي ۾ ڪڏهن به ناهي ملي، ٽن سالن ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اس??ن جي خلاف هلايون ويون، جيترا بهتان ۽ الزام منهنجي مٿان ۽ منهنجي وزيرن جي مٿان هنيا ويا دنيا ۾ ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ائين نٿو ٿئي، هن ان سلسلي ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نامزدگي بابت ٽن اخبان ۾ پهرين صفحي تي شايع ٿيندڙ خبرن جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن انگلينڊ ۾ ڪا به اخبار اهڙي طرح جي خبر ڏئي ها ته ان جي خلاف ملين ڊالر جو کٽي شوڪت خانم جو عطيو ڪريان ها، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته رياست ميڊيا کي ماضي ۾ پروپيگنڊا لاءِ اس??عمال ڪيو ۽ حڪمران ميڊيا کي رشوت وسيلي ڪنٽرول ڪندا هئا، هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سچ کي پروموٽ ڪن ۽ رياست جي مقصد ۽ ويزن کي اڳيان وڌائن، هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ وڏا موقعا موجود آهن هو نون آئيڊياز سان اڳيان اچن، حڪومت انهن جي سپورٽ ڪندي، واضح رهي ته ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام وزيراعظم جي ان ويزن جو حصو آهي جنهن تحت نوجوانن کي جديد هنر سان ليس ڪرڻ آهي، ان پروگرام تحت اهل نوجوان ٽن مهينن تي ٻڌل مشهور سوشل ميڊيا ڪمپنين، فيس بڪ، گوگل، يوٽيوب ۽ ٽيوٽ جي ماهرن کان ٽريننگ حاصل ڪندا. جنهن کانپوءِ کين سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا، گڏيل قومن جو ترقياتي پروگرام يو اين ڊي پي انهن نوجوانن کي انٽرنشپ دوران معاوضو به ادا ڪندو.
پاڪستان اسلامي فلاحي رياست بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش