اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر اورنگزي?? خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي، وزيراعظم عمران خان جي فيصلي کي فراخدلي ۽ جذبي سان قبول ڪندي ا??رنگزي?? خان سينيٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽ تان دستبردار ٿي ويو آهي، سندس خدمتن مان پارٽي آئنده به فائدو حاصل ڪندي. هو سينيٽر اورنگزي?? خان جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ريلوي وارو وفا??ي وزير اعظم سواتي سينيٽر اورنگزي?? خان جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ان موقعي تي سينيٽر س??اد حسين، سينيٽر مرزا آفريدي، نصيب الله بازئي به ساڻس گڏ هئا، وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽر اورنگزي?? خان جو تعلق اڳوڻي فاٽا سان آهي، هن جنهن جذبي ۽ فراخدلي سان وزيراعظم عمران خان جو فيصلو مڃيو آهي ا??و واکاڻ جوڳو آهي، اسان سندس ٿورو ادا ڪرڻ آيا آهيون، هو آئينده به اسان سان گڏ رهندو. هن چيو ته سينيٽر اورنگزي?? خان جي پارٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن ۽ اڄ به هو انهي طرح جي خدمتن سان ڀرپور آهي جهڙي طرح پهرين پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.
سينيٽر اورنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia