اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان سدائين افغانستان کي سهولتون پهچائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو، افغانستان جي حوالي سان تازن معاهدن ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار شامل آهي، پاڪستان افغانستان سميت سمورين سرحدن تي عالمي اصولن موجب ۽ مانيٽرنگ جو موثر نظام يقيني بڻائي رهيو آهي، ڪجهه شرپسند عنصرن ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن افغانستان سرحد بند ??جڻ سبب رهجي ويل ماڻهن کي اتساهيو جن چمن سرحد جي داخلي پوائنٽ تي داخل ٿيڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي، ان ڇڪتاڻ تي افغان حڪومت سان به مقامي انتظاميا رابطو ڪيو ۽ صورتحال کان آگاهه ڪيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪوورنا وائرس جي ڪري سڄي دنيا جي ملڪن پنهنجون سرحدون بند ڪيون، اهڙي طرح پاڪستان به افغانستان سميت ٻين ملڪن سان پنهنجون سرحدون بند ڪيون جيئن ته افغانستان جو واپار جي لاءِ ڪو سامونڊي رستو نه آهي ان لاءِ افغان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ افغانستان تي طورخم سرحد کي غلام خان سرحد ۽ انگوراڊه سرحد کي شين جي پهچ لاءِ ک??ليو ويو ۽ بعد ۾ عيد کان اڳ ٻيهر سرحد کي بند ڪيو ويو. روزانو پنهنجي سرحدي جاين تان اڍائي کان ٽي هزار ماڻهن جي اچ وڃ هئي، سرحدون بند ??جڻ سان اڪثريت افغاني واپس هليا ويا هئا پر ڪجهه افغاني واپس نه وڃي سگهيا. چمن سرحد ويجهو واپار ۽ اسمگلنگ بند ??جڻ سبب متاثر ٿيندڙ شرپسند عنصرن ۽ اسمگلرن اتي انهن ماڻهن کي اتساهيو ۽ چمن سرحد پار ڪرڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي. ان ڇڪتاڻ ۾ افغانستان پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن سان پاڪستان جي سرحدي چوڪين کي نقصان پهتو جنهن تي اسان پاران پڻ جواب ??نو ويو.
پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن: وفاقي وزير شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔