اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي احترام ?? آزادي کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي غيرذميواراڻ?? قدمن جي ڪري امن ۽ سلامتي کي خطرن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، 5 آگس?? 2019ع کان ڀارتي حڪومت پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انگ ۽ ان جي شدت ۾ اض??فو ٿيو آهي، نام نهاد وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ٿي چڪو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ?? وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن سال ڪشمير جو ڪارو ڏينهن جيڪو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ماضي جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ نمايان آهي، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو ۽ 5 آگس?? 2019ع تي وڌيڪ هڪ طرف?? قدمن ذريعي اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي جي حيثيت ۾ ترميمون ڪندي آبادياتي ڍانچي ۽ سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.
عالمي برادري ڪشميرين جي انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار