سرگوڌا – 19 مئي (اي پ?? پي( اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بيريسٽر محسن شاهنواز رانجها چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي سل??متي تي ڪو ٺاهه نه ڪندو، ڪلڀوشن ياديو بيگناهه پاڪستانين جي قتل ۾ ملوث آهي، اهو پاڪستان جي سل??متي جو معاملو آهي، ڀارت انصاف جي عالمي عدال?? ۾ ??يانا ڪنوينشن جي خلاف ورزين جي الزامن سان پاڻ ئي بي نقاب ٿي ويو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ رياستي دهشتگردي تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪلڀوشن جي معاملي کي انساني معاملو بڻائي پ??ش ڪرڻ چاهي ٿو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي اهم ترجيح قومي سل??متي آهي ۽ قومي سل??متي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي، اهو رڳو عبوري فيصلو آهي ۽ ان سان ڪنهن جي شڪست يا فتح بابت نه ٿو چئي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria