بيجنگ -29 آڪٽوبر (اي پي پي) چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊائريڪٽر چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي (سي ايم ايس اي) لي?? شي چيانگ گذريل ڏينهن اعلان ڪيو آهي، ته چين جيوڪوان سيٽلائيٽ لا??چ سينٽر تان 30 آڪٽوبر جي صبح جو 4 لڳي 27 منٽن تي لانگ مارچ- ايف 2 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي انسان بردار خلائي مش?? شينزو-19 خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪندو. هن چيو ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انسان بردار خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته خلائي مش?? شينزو-18 ذريعي ويندڙ خلائي اسٽيشن تي اڳ ئي موجود عملو 4 نومبر تي ڪم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ان مشن ذريعي چين جي ڊونگ فينگ لينڊنگ سائيٽ تي واپس ويندو. ياد رهي ته شينزو 19 چين جي انسان بردار خلائي پروگرام جو 33هون ف??ائيٽ مشن آهي.
چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ