ڪازان-25 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ايران ??ي هم منصب صدر مسعود پيز شڪيان ??ان ملاقات ڪئي ج??هن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ملاقات دوران چين جي صدر چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي صورتحال جي تبديلي جا اثر چين – ايران لاڳاپن تي اثر انداز نه ٿيندا ۽ چين ايران ??ان پنهنجي دوستي کي مضبوط بڻائيندو رهندو. روس جي شهر ڪازان ۾ برڪس ملڪن جي سربراهي اجلاس دوران ??يران ??ي صدر مسعود پيز شڪيان چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. برڪس ڪانفرنس دوران ??يران ??ي صدر ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن . ڪانفرنس ۾ صدر شي جن پنگ غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي جو مطالبو ورجائيندي چيو ته فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايران ??ي صدر سان ملاقات ۾ شي جن پنگ چيو ته غزه جنگ جو خاتمو علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تمام اهم آهي. صدر شي جن پنگ وڌيڪ چيو ته قومي خودمختياري ، سلامتي ۽ قومي وقار جي تحفظ، اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي مستقل طور تي اڳيان وڌائڻ لاءِ چين ايران ??ي حمايت هميشه جاري رکندو.
چين جي صدر شي جن پنگ جي ايران جي هم منصب سان ملاقات، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جو عزم ظاهر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ