واشنگٽن – 15 مارچ (اي پي پي) وائٽ هائوس ۾ قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي چيو ته آمريڪي انتظاميا شهرين کي ڪڍڻ جي ??اض?? منصوبي کانسواءِ رفح ۾ فوجي آپريشن جي حمايت نه ڪندي. العربيا اردو مطابق هن چيو ته اسان اسرائيل سان رفح ۾ انساني صورتحال بابت ڳالهيون ڪندا رهون ٿا. هن چيو ته دفاع واري وزارت غزه ۾ عارضي بندرگاهه کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجن شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. جان ڪربي جو بيان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ??رفان فوج کي رفح ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي بين الاقوامي دٻاءُ کي رد ڪرڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي. نيتن ياهو چيو هو ??ه اسرائيلي فوج رفح ۾ ويڙهه جاري رکڻ جي تياري ڪري رهي آهي، ان دوران اسانکي خطي ۾ داخل ٿيڻ ۽ مشن کي مڪمل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ بين الاقوامي دٻاءُ درپ??ش آهي، اسرائيل جو وزيراعظم هجڻ جي ناطي هو ??ن دٻاءُ جو مقابلو ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ