گڏيل قومون-16 فيبروري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ڪيوبا سان سفارتي لڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،رائٽرز موجب گڏيل قومن ۾ ڏکڻ ڪوريا جي مستقل ??مائندي يهوان جون ڪوڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن ۾ ٻنهي ??لڪن جي مستقل ??مائندن 14 فيبروري تي آمريڪا ۾ ملاقات ڪئي ۽ سفارتي لڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪي??،ب??ان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ??لڪن وچ ۾ باضابطا لڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن موجب ڪيو ويو آهي،ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي ??زارت ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڪيوبا سان لڳاپن جو قيام مرڪزي ۽ ڏکڻ آمريڪا سان سفارتڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ اهم موڙ ثابت ٿيندو ۽ اسان جي ملڪ جي سفارتي دائره ڪار کي وڌيڪ توسيع ڏيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي حڪومت ڪيوبا جي حڪومت سان گڏجي گڏيل سفارتي مشن جي قيام سميت ٻين قدمن لاءِ سهڪار ڪندي. واضع ريه ته ڪيوبا 1994 ۾ ڏکڻ ڪوريا کي تسليم ڪيو هو جڏهن ته 1959 جي ڪيوبا انقلاب کان پوءِ ٻه طرفا لا ڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا هئا.
ڏکڻ ڪوريا جو ڪيوبا سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania