ڪيپ ٽائون- 25جنوري (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا اميد ظاهر ڪئ?? آهي ته عالمي انصاف واري عدالت (آءِ سي جي ) ايندڙ جمعي تي غزه ۾ جنگ بندي روڪڻ بابت هنگامي قدمن جي باري ۾ فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي، ان ڳالهه جو اظهار ڪيس جي ڪاروائي کان آگاه ذريعن ڏکڻ آفريقا جي نيوز 24 نالي پورٽل سان ڳالهائيندي ڪيو آهي، ڏکڻ آفريقا جي انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ان حوالي سان هن وقت تائين ڪو به اعلان نه ڪيو آهي ، جڏهن ته ٻئي پاسي اس??ائ??ل جي پرڏيهي وزارت ان حوالي سان پنهنجي لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ان معاملي تي اڃا به نظر رکي رهيو آهي، ڏکڻ آفريقا 29 ڊسمبر 2023 تي انصاف جي عالمي عدالت ۾ اس??ائ??ل خلاف ڪيس داخل ڪيو هو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته عدالت اهو واضع ڪري ته اس??ائ??ل غزه ۾ ڪريڪ ڊائون جي بهاني فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اب ڪيس ۾ ڏکڻ آفريقا عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته عارضي يا ڊگهي ??دي وارا قدم کڻي جنهن ۾ اس??ائ??ل کي غزه ۾ پنهنجي فوجي مهم روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ،غزه کي معاوضي جي آڇ ڪئي وڃي ۽ نئين سر تعمير لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن.
ڏکڻ آفريقا غزه بابت عالمي عدالت جي عبوري فيصلي بابت پر اميد آهي
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں