غزه -20 نومبر (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد ٿي ويا آهن، جنهن بعد شهيد ٿي?? صحافين جو مجموعي انگ 48 ٿي ويو آهي. سعودي نشرياتي اداري مطابق اسرائيل جي فوج جي حملي ۾ صحافي ۽ غيرسرڪاري تنظيم پريس هاس فلسطين جي بورڊ جي سربراه بلال جاد الله شهيد ٿي ويو جڏهن ته اسرائيل جي فوج طرفان مهاجر ڪي??پ تي حملي دوران فري لانس صحافي حسونه سليم ۽ ساري منصور البوريج پڻ حياتي وڃائي ويٺا. نيويارڪ ۾ موجوده ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) مطابق 6 هفتن کان جاري ويڙهه ۾ هاڻي تائين 48 صحافي شهيد ٿي چڪا ??هن. سي پي جي طرفان جاري فهرست ۾ شام?? صحافين ۾ رائيٽرز جو صحافي اعصام عبدالله پڻ شامل آهي، جيڪو 13 آڪٽوبر تي اسرائيل جي سرحد ويجهو لبنان ۾ مارجي ويو هو. انگن اکرن مطابق مارجي وي?? صحافين جي فهرست ۾ 43 فلسطيني، 4 اسرائيلي ۽ هڪ لبناني شامل ??هن.
غزه ۾ اسرائيل جي فوج جي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد، انگ 48 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔