اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اس??امي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانستان جي لا??ِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته افغانين جي انساني بن??اد تي امداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ جو مقصد افغ??ن عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لا??ِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بن??اد تي ٽرسٽ فنڊ جي چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اس??امي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته فنڊ جي قيام جو مقصد افغ??ن عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ آهي، هن چيو ته اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چيو ته اس??امي ملڪن جي تنظيم افغ??ن عوام جي مدد لا??ِ ??دم کڻندي. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغ??ن عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته اسان افغ??ن عوام کي سهولتن جي فراهمي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد افغ??ن عوام جي مدد ڪرڻ آهي، هن اس??امي ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ته هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.
افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر/حسين ابراهيم طلحهٰ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس