ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ مسافرن سان گڏ نمائش چورنگي کان گرو مندر تائين سفر ڪيو ۽ بس ريپڊ ٽر??نزٽ (بي آر ٽي) سروس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گرين لائين بس تي پنهنجي پهرين سفر دوران آفيشل ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بي آر ٽي گرين لائين بس منصوبو ڪراچي جي ماڻهن جي سهولت لاءِ شروع ڪيو ويو آه??. هن چيو ته اها سروس ماڻهن کي آرامده سفر فراهم ڪندي. هن چيو ته گرين لائين بس سروس جي ڪري ڪلاڪن جي ڊگهي سفر جو وقت هاڻي گهٽ ٿي ويو آه??. ان موقعي تي صدر عورت مسافرن کان بي آر ٽي گرين لائين بس منصوبي بابت انهن جا خيال پڻ پڇيا. صدر کي جواب ڏيندي مسافرن چيو ته اهي هن سروس مان مطمئن آه?? ڇو ته انهن کي آرامده سواري م??ي رهي آه??. هنن صدر کي ٻڌايو ته اهي روزانو بي آر ٽي ۾ سفر ڪن ٿيون ۽ انهن وٽ بي آر ٽي گرين لائين ٽر??نسپورٽيشن ڪارڊ پڻ آه??. عورت مسافرن بس سروس تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ نمائش چورنگي جي بس اسٽيشن پهچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ٽڪيٽ خريد ڪئي. سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز پڻ صدر سان گڏ هئ??.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ مسافرن سان گڏ نمائش چورنگي کان گرو مندر تائين سفر ڪيو
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil