لاهور – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي رو??ٿا?? ڪري سگهجي. هو هتي ايمرجنسي سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ انٽرنيشنل والنٽيئرز ڊي جي موقعي تي ايوارڊز ور??ائڻ واري تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته پوليس واقعي جي ٻن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ??رڻ کانسواءِ ان سلسلي ۾ 110 ماڻهن کي گرفتار ??يو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ناموس رسالت ﷺ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام قانون کي هٿ ۾ نه کڻي ۽ رياست جي رٽ کي تسليم ڪري. هن ماڻهن جي ذهنيت کي بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته واقعي جي حوالي سان ٺوس انڪوائري ڪئي پئي وڃي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين ان جو تعلق آهي موجوده حڪومت عوام جي وسيع تر م??اد ۾ ڳالهه ٻولهه جو آپشن چونڊيو.
سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب