اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ??اڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي خوشگوار لاڳاپ?? موجود آهن، پاڪستان بحرين سان واپار?? سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر چيو ته ??اڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي خوشگوار لاڳاپ?? موجود آهن، پاڪستان بحرين سان واپار?? سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ڏٺو ويندڙ موقعن جي ڀيٽ ۾ ٻطرفي واپاري ماپو گهٽ آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطن ۾ فروغ ضروري آهي،. بحرين جي نمائندن جي ڪائونسل جي ا??پيڪر جو نومبر ۾ متوقع دورو پاڪستان پارلياماني رابطن جي فروغ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. اسد قيصر چيو ته ??اڪستان ۾ بهترين ??نرمند افرادي قوت موجود آهي، بحرين ??اڪستان سان هنرمند افرادي قوت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان موقعي تي بحرين جي سفير چيو ته بحرين ??اڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، بحرين اقتصادي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني بحرين جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. محمد ابراهيم محمد عبدالقادر چيو ته بحرين ??اڪستان سان وڌيڪ هنرمندي افرادي قوت درآمد ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو.
پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن