اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پناهگاهن جو مقصد غريب طبقي جي عوام جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بيت ال??ال جو ايم ڊي، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي پناهگاهن جي صورتحال ۽ بهتري لاءِ جوڙيل جامع منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ٽن مرحلن ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو، منصوبي موجب موجوده پناهگاهن ۾ سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري آندي ويندي، نجي عالمي معيار جي هوٽلن مان پناهگاهن جي عملي کي تربيت فراهم ڪئي ويندي، پاليسي تي عمدلرآمد لاءِ هڪ بورڊ ۽ انتظامي معاملن کي ڏسڻ لاءِ هر پناهگاهه ?? 4 رڪني بورڊ جوڙيو ويندو، سهولتن جي حوالي سان ??جيٽل ڊيش بورڊ جوڙيو ويندو جيڪو نگراني ۾ مدد ڪندو. ڊيش بورڊ کي موبائيل جي ذريعي با??سا??ي هلائي سگهجي ٿو ۽ موجوده پناهگاهن ۾ مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن کي حل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پناهگاهن کي ان مقصد جي لاءِ تعمير ڪيل عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن سان ??ڏ احساس ون ونڊو سينٽر به کوليا ويندا، ون ونڊو سينٽر جي ذريعي پناهگاهن ۾ رهندڙ اهل ماڻهن کي احساس تحت ٻ??ن پروگرامن مان سهولت وٺڻ ۾ ??سا??ي ٿيندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته جن پناهگاهن تي ماڻهن جي رش آهي انهن تي خصوصي ڌيان ??نو وڃي. هن چيو ته پناهگاهن سان جو سياست سان ??و به تعلق نه آهي، ان جو تعلق ال??ه ۽ ان جي مخلوق جي خدمت سان آهي. پناهگاهن جو مقصد معاشي طور تي غريب طبقي جي ماڻهن جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پناهگاهن کان پهرين غريب ماڻهو روڊن تي سمهڻ تي مجبور هئا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي موجب مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آندو وڃي.
پناهگاهن جو مقصد غريب طبقي جي عوام جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II