اٽڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻا وزيراعظم ۽ وزير ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيندا رهيا، قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي پاڻ ٻاهر وڃي ويهي رهيا ۽ شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن، جنهن جي والد جي سائيڪل جو دڪان هو اڄ رولز ??ائس گاڏين جا مالڪ آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ تماشو ٿي رهيو آهي، ووٽ خر??د ڪرڻ لاءِ منڊي لڳل آهي، قيمتون لڳي رهيون آهن، مخالف ڌر جلسن ??ان ا??ان کي نٿي ڪيرائي سگهي، هاڻي ماڻهن کي خر??د ڪري پنهنجا وڌ??ڪ سينيٽرز چونڊرائڻ چاهين ٿا اها ڪهڙي جمهوريت آهي، ماضي ۾ ملڪ ۾ ٻيلن کي بي دردي ??ان ختم ڪيو ويو، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبي کي ڪامياب بڻائڻو پوندو، خيبرپختونخوا وانگر پنجاب ۾ به هلندڙ سال جي آخر تائين سمورن شهرين کي هليٿ انشورنس جي سهولت ملي ويندي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ڪامره ۾ ٽيڪنالاجي زون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار غازي بروٿا ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بدقمستي ??ان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن،گرين هائوسز گئسن جي اخراج ??ان دنيا ۾ سراسر گرمي پد وڌي رهيو آهي ان لاءِ ا??ان کي هر اهو قدم کڻڻ گهرجي جنهن ??ان سراسري گرمي پد ۾ ٿيندڙ ان اضافي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ ان مقصد لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي ضرورت آهي، وڻ لڳائڻ ا??ان جي مس??قبل لاءِ تمام ضروري آهن. هتي 10 لک وڻ لڳايا پيا وڃن پر انهن جي حفاظت جي ذميداري نوجوانن تي آهي ۽ ان ??ان گڏوگڏ ا??ان نوجوانن کي راندين جا ميدان به ٺاهي ڏينداسين. نوجوانن لاءِ راندين جي ميدانن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڻ ا??ان جي مس??قبل ۽ راندين جا ميدان نوجوانن جي صحت لاءِ ضروري آهن.
اڳوڻا حڪمران قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ٻاهر شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste